ڪشمور (ن س )سنڌ جي ضلعي ڪشمور ۾ پوليس ڪچي واري علائقي مان ٽن مغوين کي بازياب ڪرايو.پوليس جو چوڻ آهي ته مکي جگديش ڪمار، سندس پوٽو جئي ديپ ۽ ڊاڪٽر منير نائچ هٿ آيل ماڻهن ۾ شامل آهن.پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جڏهن پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ جهيڙو ٿيو ته جوابدار يرغمال بڻائي فرار ٿي ويا، سمورن يرغمالين جي بازيابي تائين آپريشن جاري رهندو.ٻئي طرف هندو برادري ۽ سول سوسائٽي سمورن 11 ڄڻن جي بازيابي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.ياد رهي ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي سرحد تي ڊيرا موري تي آبادگارن پاران ٽن ڏينهن کان احتجاجي مظاهرو ڪيو پيو وڃي.










