ڪشمور (ن س) ڪشمور جي ڪچي واري علائقي دراني مهر مان پوليس ڪارروائي دوران 3 مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي. 3 مغوين جي بازياب ٿيڻ باوجود سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان دنگ تي ڌرڻو جاري آهي.پوليس پاران ڪارروائي دوران بازياب ڪرايلن ۾ مکهي جگديش ڪمار، سندس پوٽو جئي ديپ ۽ ڊاڪٽر منير نائچ شامل آهن.مغوين جي بازيابي لاءِ هنيل ڌرڻي سبب ٽنهي صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي. مظاهرين پاران ساگر ڪمار، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين کي به بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.مغوي ساگر ڪمار جي امڙ ۽ ڀينرن رات ڌرڻي ۾ پهچي ڌرڻو ختم نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ساگر ڪمار جي امڙ ۽ ڀينرن جون ڌرڻي ۾ دانهون ٻڌي مظاهرين به پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيا.
