ڪرم رستا بند، دوائن جي کوٽ، 2 مهينن دوران 29 ٻارڙا فوت

ڪرم رستا بند، دوائن جي کوٽ، 2 مهينن دوران 29 ٻارڙا فوت

پشاور: (ويب ڊيسڪ) پارا چنار اسپتال جي ايم ايس انڪشاف ڪيو آهي ته ڪرم ۾ علاج نه ٿيڻ سبب 2 مهينن دوران 28 ٻار فوت ٿي ويا آهن.ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله موجب ضلعي ڪرم ۾ امن امان جي صورتحال بابت قائم ڪيل گرينڊ جرگو اڄ ٻيهر شروع ٿيندو. ٻئي طرف ضلعي ڪرم جا اهم روڊ پشاور، پارا چنار مرڪزي روڊن سميت اچ وڃ جا رستا گذريل 70 ڏينهن کان بند آهن رستن جي بندش سبب ضلعي ۾ عام واهپي جون شيون، پيٽرول، گيس ۽ دوائن جي به کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.ٻئي طرف ايم ايس پارا چنار اسپتال ٻڌايو آهي ته علاج نه ٿيڻ سبب 2 مهينن ۾ 29 ٻار فوت ٿي چڪا آهن، دوائون ۽ ٻيون سهولتون نه ملڻ تي وڌيڪ بحران جي ڪيفيت پيدا ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو