ڪرمپور ڀرسان خوفناڪ حادثو، 4 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪرمپور ڀرسان خوفناڪ حادثو، 4 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪرمپور (ن س)ڪرمپور ويجهو خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ چار ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، 11 ڄڻا زخمي ٿيا آهن،بگن خان لاڙي وٽ 2 مسافر وينز ٽرڪ سان ٽڪرائجي ويون، حادثي ۾ هڪ ڄڻي تڏي تي دم ڏنو، جڏهن ته 15 ڄڻا زخمي ٿيا حادثي جي زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، عبدالرزاق نصيراڻي، ظهير باجڪاڻي ۽ مهدي رضا سکر اسپتال ۾ دم ڏنو،ٽن زخمين جي فوت ٿيڻ کانپوءِ حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 4 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 11 ڄڻا زخمي ٿيا آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو