ڪردار ڪشي ڪندڙن جو سود سميت احتساب ٿيندو: فيصل واوڊا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته مون تي ڏنڍ لڳائڻ ۽ ڪردار ڪشي ڪندڙن جو وياج سميت احتساب ٿيندو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس ( اڳوڻي ٽوٽر ) تي پنهنجي بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته مون تي الله تعاليٰ جو احسان آهي ٻيو ڪنهن جو ناهي، بيوقوف ناهيا، هن چيو ته منهنجي امڙ جيڪا هن دنيا ۾ ناهي ان جي بيماري دوران فيصلو ڪندڙن مون تي فيصلوڪندڙن ڏنڍ لڳايو هو ۽ ڪردار ڪشي ڪئي هئي. احتساب ته انهن جو به ٿيندو، سود سميت ان لاءِ مون کي 20 سال ئي انتظار ڇو نه ڪرڻو پوي. فيصل واوڍا چيو ته الله جو هر وقت شڪر ڪريان ٿو ته فيصل واوڍا جي ڪلهن تي رکي ميان نواز شريف ۽ ٻيا ماشاالله سان اهل ٿيندا پيا وڃن. اڳواٽ مبارڪ ڏيان ٿو ته لولي لنگڙي ن ليگ جو وزيراعظم انهيءَ واوڊا ڪلهي جو سهارو وٺي اقتدار ۾ اچي رهيو آهي. بيان ۾ فيصل واوڊا چيو ته ڪٿي تير ڪٿي نشانو ايترو جلد تندور تي نان نٿو پچي جيتري تڪڙ هن ڪم تي ڪئي پئي وڃي. واهه ڇا ڪمال ملڪ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو