ڪراچي: 7 ورهين جي ٻارڙي انڌي گولي جو نشانو بڻجي وئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ 7 ورهين جي ٻارڙي گوليون لڳڻ سبب فوت ٿي وئي.پوليس موجب نارٿ ناظم آباد ۾ سخي حسن ۽ بفر زون ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن روڊ جي ٻئي پاسي کان فائرنگ ڪئي.ڇوڪري ڪار جي پوئين سيٽ تي ويٺي هئي ته اوچتو گولي هن جي مٿي ۾ لڳي.ڇوڪري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو جتي هوءَ فوت ٿي وئي.ڇوڪريءَ جي مائٽ سهيل اختر ٻڌايو ته ڇوڪريءَ جو پيءُ کيس اسڪول ڇڏڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته اوچتو ڪار جي پٺئين ونڊو ٽٽي وئي ۽ گوليون ڇوڪري جي مٿي ۾ لڳيون.سهيل اختر جو چوڻ آهي ته قانوني ڪارروائي نه ڪرڻ جو ڪو به جواز ناهي، نينگري جي جنازي نماز اڄ بعد نماز عصر ادا ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو