ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مليريا جا 21 ڪيس سامهون آيا آهن.سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب ملير ضلعي مان مليريا جا سڀ کان وڌيڪ 8 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان ٻڌايو آهي ته ڪورنگي مان مليريا جا 5، سينٽرل ۽ سائوٿ مان 3، 3 ۽ اولهه ۽ اوڀر مان 1-1 ڪيس سامهون آيو آهي.سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب سنڌ صوبي ۾ 24 ڪلاڪن دوران مليريا جا 3116 ڪيس سامهون آيا آهن.سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان اهو به ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ هلندڙ سال مليريا سبب 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.
