ڪراچي ۾ 3 رڪني چوري ڪندڙ گروهه گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڊڪس مڇر ڪالوني وٽ پوليس ڪارروائي ڪندي 2 درجن کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث 3 رڪني ڊڪٽيگر کي گرفتار ڪري ورتو.ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب ڏکڻ پوليس ڊڪس واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي 3 رڪني ڦرلٽ گينگ کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتار جوابدارن وٽان 2 غير قانوني پستول، هڪ خنجر، 13 موبائيل فون ۽ مختلف وارداتن ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.پوليس موجب جوابدارن شهر جي فشريز ۽ ٻين علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي 2 درجن کان وڌيڪ وارداتن جو انڪشاف ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو