ڪراچي ۾ گرمي پد 41 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 25.5 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 41 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب هوا ۾ نمي جو تناسب 88 سيڪڙو آهي. صحت جي ماهرن موجب گرم موسم دوران شهري پاڻي جي وڌ کان وڌ استعمال کي يقيني بڻائين.

پهنجو تبصرو موڪليو