ڪراچي ۾ گذريل مهيني ڏوهن جون 7 هزار کان وڌيڪ وارداتون رپورٽ

ڪراچي ۾ گذريل مهيني ڏوهن جون 7 هزار کان وڌيڪ وارداتون رپورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گذريل مهيني ڏوهن جون 7 هزار کان وڌيڪ وارداتون رپورٽ ٿيون، جن ۾ مختلف واقعن ۾ 52 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو، 189 شهري گاڏين، 4 هزار 7 سئو 24 موٽر سائيڪلن ۽ ٻه هزار 200 97 موبائل فونز کان محروم ٿيا. سٽيزنز پوليس لائنز ڪميٽي (سي پي ايل سي) گذريل مهيني ڪراچي ۾ ٿيندڙ وارداتن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ گذريل مهيني ڏوهن جون 7 هزار کان وڌيڪ وارداتون ٿيون، ڦر ۽ ذاتي جهيڙي جي مختلف واقعن ۾ 52 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو. سي پي ايل سي جي رپورٽ موجب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ نومبر ۾ ڪار لفٽرن 189 گاڏيون چوري ڪيون، پوليس رڳو 43 گاڏين جي ريڪوري ڪري سگهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شهرين کي 4 هزار 724 موٽر سائيڪلن کان محروم ڪيو ويو، پوليس طرفان رڳو 224 موٽر سائيڪلون ريڪور ڪيون ويون. رپورٽ موجب شهر ۾ جوابدار ٻه هزار 297 موبائل فونز ڦر ڪيون، جڏهن ته ڀنگ لاءِ اغوا جا 2 ڪيس رپورٽ ٿيا، ڀتي جون 13 وارداتون رپورٽ ٿيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو