ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ روڪ ۽موبائيل فون کانسواءِ سگريٽن جي به ڦر ٿيڻ لڳي آهي.شاهه فيصل ڪالوني ۾ ڦورن سگريٽن جو ڪارٽن ڦري ورتو.شاهه فيصل ڪالوني نمبر 5 ۾ سگريٽ ڪمپني جي سيلز مين کي روڪي ڦر ڪئي وئي، جنهن جي وڊيو به منظر عام تي اچي وئي آهي.سي سي ٽي وي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جوابدار سيلز مين جي تلاشي وٺي رهيا آهن.ڦورن سيلز مين کان ٻيو سامان ڦر ڪرڻ بعد مهانگي سگريٽن جو برينڊ ڏسي اهو به ڦر ڪري ورتو.
