ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڪورنگي 2 ۾ ڪتابن جي دڪان تي فائرنگ جي نتيجي ۾ پيءُ پٽ مارجي ويا.علائقي واسين جو چوڻ آهي ته 3 جوابدار ڦر بعد فرار ٿي ويا.اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته 2 ڌاڙيل دڪان ۾ داخل ٿيا جڏهن ته هڪ جوابدار ٻاهر ئي رهيو.جڏهن ته پيءُ محمد حسين ڌاڙيلن کان پئسا واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪ جوابدار فائرنگ ڪري ڏني.فائرنگ ۾ محمد حسين ۽ سندس پٽ اسد مارجي ويا، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا.










