ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ڪري 2 ڄڻا مارجي ويا.پوليس موجب اورنگي ٽائون علي ڳڙهه بازار ۾ فائرنگ ڪري سليم نالي شخص مارجي ويو، مقتول گهر ۾ داخل ٿي رهيو هو ته اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ سليم موقعي تي ئي مارجي ويو. عباسي شهيد اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول جي وارث جو چوڻ هو ته اسان ڪاروباري ماڻهو آهيون، اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، سليم گهر کان ٻاهر وڃي رهيو هو، چوري دوران مزاحمت ڪرڻ تي سليم کي گوليون لڳيون، ڪارا ڪپڙا پهريل هئا، موٽرسائيڪل سوار مارجي ويو. فائرنگ ۾ مارجي ويل سليم چئن ٻارن جو پيءُ هو.ٻئي طرف ميٽرڪ بورڊ آفيس ويجهو ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي آن لائين ڪمپني جو هڪ سوار مارجي ويو، جڏهن ته ڪورنگي نمبر 5 پل وٽ فائرنگ ۾ هڪ دڪاندار پڻ زخمي ٿي پيو.ان کان علاوه ڪورنگي زمان ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو