ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ جا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿيا آهن جنهن ۾ 3 ٻارن سميت 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. نامعلوم هنڌ کان ايندڙ گوليون لڳڻ سبب لياري ۾ هڪ مرد، جمشيد ڪوارٽر ۾ هڪ ۽ نمائش چورنگي ۾ هڪ عورت قتل ٿي ويا.ريسڪيو موجب جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ سبب 3 ٻارن سميت 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن زخمين کي طبي امداد جي لاءِ مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب نمائش چورنگي ويجهو نامعلوم هنڌ کان ايندڙ گولي لڳڻ سبب 25 ورهين جي بسمه نالي عورت مارجي وئي. لياري ۾ گولي لڳڻ سبب عبدالوهاب نالي شخص علاج دوران فوت ٿي ويو.ذريعن موجب هوائي فائرنگ سبب زخمي ٿيندڙ 24 ڄڻن کي سول اسپتال، 29 ڄڻن کي جناح اسپتال جڏهن ته عباسي شهيد اسپتال ۾ 30 زخمين کي منتقل ڪيو ويو آهي.گلستان جوهر ۽ گزري ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هٿياربندن ۾ ننڍا ۽ وڏا شامل آهن جيڪي ڳرن هٿيارن سان هوائي فائرنگ ڪري رهيا آهن. وڊيو وائرل ٿيڻ جي باوجود فائرنگ ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي پوليس اڃان تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي.
