ڪراچي ۾ 5 ڪلاڪن اندر 2 نوجوان قتل، هڪ زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ وري واڌ ٿيڻ لڳي، 5 ڪلاڪن اندر 2 نوجوان قتل ٿي ويا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو،لياقت آباد انڊر باءِ پاس وٽ ڪار تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،شروعاتي جاچ رپورٽ موجب جوابدارن انڊر پاس اندر گاڏي کي روڪي نوجوان کي قتل ڪيو،پوليس موجب جوابدارن گھر کان نوڪري تي ويندڙ نوجوان کي گوليون هنيون، مقتول جي شڪيل شيخ طور سڃاڻپ ٿي،ٻئي پاسي موسميات ۾ اسپارڪو روڊ تي ڊائو اسپتال سامھون ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ رڪشا ڊرائيور قتل ٿي ويو،ريسڪيو ذريعن موجب لاش پوسٽ مارٽم لاءِ عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول جي سڃاڻپ غلام ياسين جي نالي سان ٿي آهي،سپر ھاءِ وي تي چاڪر ھوٽل اٽڪ پمپ ويجھو فائرنگ ۾ نوجوان عصمت الله زخمي ٿي پيو، زخمي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو