ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ضمني مڪاني چونڊن لاءِ نامينيشن فارمز جي ڇنڊ ڇاڻ مڪمل ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ 4 يوسي چيئرمين ۽ 2 وائيس چيئرمين جي سيٽن لاءِ ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر چيئرمين سلمان عبدالله مراد سميت مختلف پارٽين ۽ آزاد اميدوارن سميت 50 جا ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن. ابراهيم حيدري ٽائون يوسي 8 ۾ اميدوارن کي جبري چونڊ کان روڪڻ جو الزام سامهون آيو آهي. ميئر ڪراچي3 يونين ڪاميٽين، ڊپٽي ميئر ڪراچي ۽ صدر ٽائون چيئرمين جا ڪاغذ منظور ٿي ويا. جڏهن ته مخصوص سيٽن جو هڪ وڏو انگ وري خالي رهجي ويو آهي. رٽرنگ آفيسرن جي جاري فارم جي 7 مطابق ڪيا ماڙي ضلعي جي ماڙي پور ٽائون جي يوسي 3 مان پيپلز پارٽي جو بئريسٽر مرتضيٰ وهاب صديقي، سيف الله، پي ٽي آءِ جو ساجد، محمد زاهد، مسلم ليگ ن جو محمد شاهه، شاهد اقبال، جماعت اسلامي جو محمد حسين آزاد اميدوار چودري سعيد اقبال ۽ عامر شيخ جا ڪاغذ منظور ٿي ويا. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب صديقي جي ڪاغذن تي مڪامي ووٽر نه هجڻ تي اعتراض ڪيو ويو هو. جڏهن ته اعتراض رد ڪيو ويو ۽ رٽرنگ آفيسر آگاهه ڪيو ته قانون ۾ ان جي اجازت آهي. اليڪشن ڪميشن جي فارم 7 مطابق ڏکڻ ضلعي جي صدر ٽائون جي يوسي 13 مان پيپلز پارٽي جو بئريسٽر مرتضيٰ وهاب صديقي، ڪرم الله وقاصي، پي ٽي آءِ منصوراحمد بلوچ، سميع الله، جمعيت علماءِ اسلام جو سعيد عبدالله شاهه، اختر جاويد خان، جماعت اسلامي جو نعيئر اسلام، محمد يوسف انعام الله، محمد اختر، پي ڊي پي جو مرزا نياز محمد، ٽي ايل پي جو سڪندر آگر، نويد احمد ۽ آزاد اميدوار محمد نسيم الدين جا ڪاغذ منظور ٿيا. ڏکڻ ضلعي جي صدر ٽائون جي يوسي 12 ۾ وائيس چيئرمين لاءِ پيپلز پارٽي جو حامد حسين، پي ٽي آءِ جو محمد طاهر، محمد بصير، ذيشان حسين، مسلم ليگ ن جو سيد اختر شاهه، گلويز خان، جماعت اسلام جو زمان شاهه جدون، محبوب خان ۽ امتياز خان، جمعيت علماءِ جواسلام جو سيد عبيدالله شاهه ۽ رياست خان، تحريڪ لبيڪ جو محمد عاطف قادري، شعيب علي شاهه ۽ آزاد اميدوار عمران خان جا نامينيشن جافارم منظور ڪري ورتا آهن. رٽرنگ آفيسر جي فارم 7 مطابق ملير ضلعي جي ابراهيم حيدري ٽائون جي يوسي 8 جي پيپلز پارٽي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب صديقي ۽ حيدر علي ڄاموٽ ۽ تحريڪ جي انصاف جي جميلا بانو جا ڪاغذ منظور ٿي ويا. جڏهن ته جماعت اسلامي جو محمد شبير خان عباسي، عبدالطيف عباسي، تحريڪ انصاف جو عبدالزاق خان ۽ آزاد اميدوار علي حسين جا ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن. جماعت اسلامي ڪراچي امير حافظ نعيم الرحمان ڪاغذ رد ٿيڻ واري عمل کي رد ڪندي الزام مڙهيو آهي ته ابراهيم حيدري ٽائون جي يوسي 8 ۾ جيڪي ڪاغذ جمع ٿيا آهن. انهن سڀني کي بيهارڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي پوري مشينري ۽ طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي. هڪ پاسي اعلان ٿي رهيا آهن ته سسٽم جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ ٻي پاسي ڪوئي ڪاغذ جمع ڪري ته ان کي ويهارڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته هي ڪهڙي سسٽم جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي؟ هن چيو ته اسان جو اليڪشن ڪميشن کان مطالبو آهي ته ابراهيم حيدري ٽائون يوسي 8 جي معاملي کي هولڊ ڪيو ۽جن ماڻهن جي دٻاءُ وڌو پيووڃي.ان حوالي سان گهرو وزير برگيڊيئر حارث نواز فوري طور تي هڪ ڪاميٽي جوڙي، جي آءِ ٽي ٺاهي جنهن ۾ مڙني ايجنسيس کي شامل ڪيو وڃي. هي جمهريت کي يرغمال بڻائڻ جو تماشو آهي. جيڪي ماڻهو جمهوريت کي ناڪام ڪري رهيا آهن. انهن سان اسان جي ويڙهه آهي. اسان انهن کي ان عمل ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. حافظ نعيم الرحمان مطابق ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب صديقي جا ٽنهي يونين ڪاميٽين تان ناميشنيشن ڪاغذن تي جماعت اسلامي اعتراض جمع ڪيا آهن ۽ قانون مطابق اسان آخري حد تائين قانوني دڳ وٺنداسين. ضلعو ملير گڏاپ ٽائون، يوسي 7 جي چيئرمين جي لاءِ پيپلز پارٽي جي سلمان عبدالله مراد ٽي ايل پي جو مقبول احمد، جماعت اسلامي جو شير محمد، محمد ايوب، پي ٽي آءِ جو عدنان لعل ۽ عبدالحفيظ جوکيو، جڏهن ته انهيءَ يونين ڪاميٽي ۾ وائيس چيئرمين جي سيٽ لاءِ پيپلز پارٽي جو محمد سليم ميمڻ، ابوبڪر ميمڻ، ٽي ايل پي جو شاهه محمد، جماعت اسلامي جو محمد امين، محمد ابراهيم، تحريڪ انصاف جو ناصر علي ۽مير محب الله جا ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن. صدر ٽائون جي مخصوص سيٽن تي ٽائون چيئرمين منصور احمد شيخ سميت تحريڪ انصاف جي اميدوارن جا ڪاغذ منظور ٿي ويا آهن. جنهن کان پوءِ ليبر جي سيٽ تي ڪاميابي کان پوءِ پي ٽي آءِ جو منصور احمد شيخ، ٽائون چيئرمين جي سيٽ بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن ان ڏس ۾ ٻڌايو ته صوبي جي مختل مڪاني ادان ۾ غير مسلم، عورتن ۽ کدڙن فقيرن جي مخصوص سيٽن جو هڪ وڏو انگ ٻيهرخالي رهجي ويو آهي. ڇو ته ڪنهن به اميدوار نامينيشن فارم جمع نه ڪرايا آهن. جنرل سيٽن جي چونڊن شيڊول مطابق 16 آڪٽومبر تائين منظور يا رد ٿيندڙ ڪاغذن جي خلاف اپيلون جمع ٿينديون. 19 آڪٽومبر تائين اپيلن تي فيصلا ٿيندا. جڏهن ته 20 آڪٽومبر تي اميدوارن جي نظر ثاني لسٽ جاري ٿيندي. اميدوار 21 آڪٽومبر تائين ڪاغذ واپس وٺي سگهندا. جڏهن ته 22 آڪٽومبر تي اميدوارن جي فائنل لسٽ جاري ٿيندي. ۽ اميدوارن کي چونڊن نشان الاٽ ٿيندا. جڏهن ته 5 نومبر تي پولنگ ٿيندي ۽ 8 نومبر تي نتيجا جاري ٿيندا.
