ڪراچي ۾ سوپاريون کپائيندڙ به پوليس کي 2 ڪروڙ روپيا ڏئي ٿو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته ڪراچي ۾ سوپاريون کپائيندڙ به پوليس کي 2 ڪروڙ روپيا ڏئي ٿو، گذريل 15 سالن دوران سنڌ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، صوبي ۾ قتل ڪيسن جي درست جاچ نه پئي ٿئي، جوابدارن خلاف ثبوت پيش نه ٿا ڪيا وڃن، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ زيادتي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس امجد علي سهتو رمارڪس ڏنا ته قتل ڪيسن جي جاچ سهي نموني نه پئي ٿئي، جوابدار آزاد ٿين ٿا ته عدالتن تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته عدالت زيادتي ڪيس ۾ جوابدار فرهاد جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس امجد سهتو آءِ جي سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته جاچ لاءِ فنڊ هر ضلعي کي ڏيڻ بدران ٿاڻن کي سڌو ڇو نه پيا ڏنا وڃن؟ سنڌ جي عوام جون نظرون اوهان تي آهن، آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته ٻن چئن مهينن کانپوءِ توهان کي سنڌ ۾ شيون تبديل ٿيندي نظر اينديون، آءِ جي سنڌ عدالت کي جاچ ۾ ٿيندڙ ڪوتاهيون جلد ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي

پهنجو تبصرو موڪليو