حيدرآباد (پ. ر)بھارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جا مطالبا ڪندڙ ملڪ جا خيرخواھ ناھن.افغانين کي ڪراچي ۾ رهائڻ جا مطالبا ڪندڙ سنڌين جا سڄڻ نٿا ٿي سگھن. افغانين سميت غير ملڪي خودڪش حملن،قبضن، منشيات جديد ھٿيارن جي ڪاروبار سميت ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث ۽ ملڪي سالميت لاء خطرو آھن. جيڪي ماڻھو بھارين برمين، افغانين ۽ ٻين غير ملڪين جا حمايتي ۽ ھمدرد آھن اھي دھشتگردن، ڀتاخورن ۽ خودڪش حملا ڪندڙن جا سھولتڪار ٿي سگھن ٿا. ھنن چيو ته ڪارونجھر جي حفاظت سنڌ جو عوام ڪندو. سنڌي عوام ڪنھن به صورت ۾ ڪارونجھر ڪٽڻ نه ڏيندو. بھارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ واري پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي آغا رفيع جي بيان جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ ڊاڪٽر سعيد ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي اقتدار جي لالچ ۾ اچي سنڌ ڌارين جي محفوظ پناهگاهه بڻائي ڇڏيو آهي. ھن کان پيپلزپارٽي جو صدر نثار کھڙو بھارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ جا مطالبا ڪندو رھيو آھي ھاڻي وري پيپلز پارٽي جو آغا رفيع ساڳيو مطالبو پيو ڪري.پيپلزپارٽي گذريل پندرھن سالن دوران پنھنجي اقتداري دور ۾ سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائي ڇڏيو. پيپلز پارٽي پاران غير قانوني غير ملڪين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ وارو مطالبو وطن سان غداري جي برابر آهي. پيپلزپارٽي اڳ ۾ ئي غير قانوني ۽ فراڊي آدمشماري جا نتيجا قبول ڪري سنڌي قوم سان ويساھ گھاتي ڪري چڪي آھي.سنڌ پاڪستان جو خالق صوبو آهي سنڌ جي سالميت مٿان حملو پاڪستان دشمني آهي. هنن چيو ته سنڌ ھاء ڪورٽ جي ڏنل فيصلي کان پوء به سنڌ جي نگران حڪومت ۾ قانون واري وزير عمر سومرو ڪارونجھر جي ڪٽائي جو اعلان ڪري ھاء ڪورٽ جي فيصلي جي انحرافي ڪئي آھي.جنھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.قانون واري وزير طرفان اھڙو بيان ڏيڻ خود قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي آھي. سنڌ جي نگران حڪومت کي صرف آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي آزادانه ۽ منصفانه اليڪشنون ڪرائڻيون آھن. سنڌ هائي ڪورٽ جي حڪمن باوجود ڪارونجھر جي ڪٽائي عدالت سان مذاق برابر آهي. هنن وڌيڪ نگران وفاقي حُڪومت غير ملڪين کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪلڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آھي ان تي سختيء سان سنڌ جي صوبائي حُڪومت عمل ڪري کين واپس موڪلڻ جو بندوبست ڪري ۽ سنڌ ۾ رهندڙ 50 کان 60 لک غير قانوني غير ملڪين کي واپس موڪليو وڃي. ڪارونجھر جي ڪٽائي جي اعلان تي نگران صوبائي وزير معافي وٺي.
