ڪراچي ۾ اڄ هلڪي برسات جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اڄ به هلڪي برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب سڄي سنڌ ۾ رات جي وقت موسم خشڪ ۽ ٿڌو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي.ڪراچي جي حوالي سان موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ جزوي ابر آلود ۽ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 14.5 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 14 کان 16 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ڪري سگهجي ٿو.ان کان علاوه شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 26 کان 28 ڊگري سينٽي گريڊ، نمي جو تناسب 64 سيڪڙو ۽ هوائن جي رفتار 6 ڪلوميٽر في ڪلاڪ اوڀر طرف رهڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو