حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪراچي ۾ قديم سنڌي ڳوٺن عارب پنهور ۽ يوسف عارفاڻي کي طاقت جي زور تي خالي ڪرائڻ ۽ ڊاهڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ بلڊر مافيا سڀ کان وڌيڪ طاقتور آھي. سنڌين جا قديمي ڳوٺ پڪا نه ٿا ڪيا وڃن. ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻي پنھنجي وطن ۾ به بي وطن آھن. جاري ڪيل بيان ۾ اياز لطيف چيو ته ھڪ طرف سنڌ حڪومت غير قانوني پرڏيھين کي سنڌ ۾ آباد پئي ڪري، ٻئي طرف ڌرتي ڌڻين کي پنھنجي ئي وطن، پنھنجي ئي تخت گاھ ڪراچي ۾ بي گھر پئي ڪري. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪراچي ۾ لکين افغاني، بنگالي، بھاري ۽ ٻيا پرڏيھي رھن ٿا، انھن کي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. سنڌ ۾ تمام وڏي غربت ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيو آھي. ڪراچي ۾ روزگار، صحت ۽ تعليم جا ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ موقعا آھن. ان ڪري سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٺٽو، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، بدين، سجاول، سانگھڙ، ٿرپارڪر سميت سمورن ضلعن جي نالن سان رھائشي اسڪيمون شروع ڪري. انھن اسڪيمن ۾ انھن ضلعن جي ماڻھن کي سستا قسطن تي پلاٽ ڏنا وڃن ته جيئن بيروزگار ماڻھو پنھنجي گادي واري شھر منتقل ٿي اتي روزگار ۽ ٻيون سهولتون حاصل ڪري سگھن.










