ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي منگھوپير ۾ هڪ جھوپڙي کي باهه لڳڻ سبب 3 ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب باهه جو واقعو کٽي پهاڙي اسلاميه ڪالوني ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙا سڙي زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب زخمي ٻارڙن کي سول برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو پر اسپتال منتقل ڪرڻ دوران هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا.فوت ٿيل ٻارڙن ۾ 6 ورهين جي اقصيٰ، 5 ورهين جي عظميٰ ۽ 7 ورهين جو محمد شامل آهن.سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري باهه ۾ 3 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.










