ڪراچي: گلشن اقبال ۾ دڪان ۾ گيس سلينڊر ڌماڪو، 2 ڄڻا زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ دڪان ۾ گيس جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مختلف ملڪيتن کي نقصان پهتو.ايڌي فائونڊيشن موجب ڌماڪو گلشن اقبال بلاڪ 7 ۾ مسڪن چورنگي جي ويجهو فاسٽ فوڊ جي دڪان ۾ گئس جمع ٿيڻ سبب ٿيو.ڌماڪي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان 1 کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي ايسٽ عرفان علي بهادر موجب مسڪين چورنگي تي فاسٽ فوڊ جي دڪان ۾ ڌماڪو گيس ليڪ ٿيڻ سبب ٿيو، ڌماڪي وقت دڪان بند هو ۽ ان ۾ وڌيڪ سلينڊر به هئا.هن چيو ته ڌماڪي سبب دڪان جي پوئين ڀت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 مسافر زخمي ٿي پيا ۽ ڪيترن ئي دڪانن کي نقصان پهتو.ايس ايس پي ايسٽ عرفان بهادر موجب زخمين مان هڪ جي سڃاڻپ عدنان احمد طور ٿي آهي، ٻنهي زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.ڌماڪي سبب تباهه ٿيل دڪان ۾ گئس جي بدبو پکڙجي رهي آهي، گيس ڌماڪي جي 1 ڪلاڪ گذرڻ باوجود انڊس گيس جو عملو نه پهتو.پوليس موجب بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪري وڌيڪ امدادي ڪارروايون جاري آهن.ريسٽورنٽ جي مٿان موجود فليٽ جي هڪ رهواسي ’جيو نيوز‘ کي ٻڌايو ته ڌماڪو تمام زوردار هو، جنهن سبب فليٽ جا شيشا ٽٽي ويا ۽ ڀتين ۾ درا پئجي ويا، ڌماڪي سبب ڪيترن ئي دڪانن کي به نقصان پهتو.رهواسين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي کانپوءِ بدبو پکڙجي وئي آهي، اسان جي درخواستن تي ڪو به عمل ناهي ڪيو پيو وڃي، 3 سال اڳ ٿيل ڌماڪي جي زخمين کي به اڃا تائين ڪجهه ناهي مليو.فليٽ جي رهواسين اهو به ٻڌايو ته 3 مهينا اڳ سلينڊر جي استعمال خلاف ميئر ڪراچي ۽ ٻين ادارن کي درخواستون ڏنيون هيون پر ڪو به عمل نه ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو