ڪراچي يونيورسٽي ۾ لطيف سائين جا بيت ميسارڻ مذمت جوڳو عمل آهي

ڪراچي (پ ر ) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي اڳواڻ سميع ابڙو، نويد عباس ڪلهوڙو ۽ علي محمد وڪو جي اڳواڻي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي وفد ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن سان ملاقات ڪري تفصيلي ڪچهري ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو تہ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي اڻ اعلانيل پابندي مڙهي وئي آهي. ڪي ايس پي پاليسي ختم ڪري ڪراچي جي تعيلمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن کي اوليت جي بنياد تي داخلائون ڏنيون وڃن. اڳواڻن وڌيڪ چيو تہ ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن مٿان هر روز ٿيندڙ حملا ۽ لطيف سائين جا بيت ميسارڻ انتهائي شرمناڪ عمل آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي انتظاميا دهشتگردن جي سهولت ڪار بڻيل آهي. هنن چيو تہ ڪراچي يونيورسٽي ۾ گرلس هاسٽل ۾ ٽوڙ ڦوڙ نياڻين جي تعليم جي رستا روڪ ڪرڻ جي سازش آهي، جنھن جي جيتري مذمت ڪجي سا گھٽ آھي. گرلس ھاسٽل ۾ ٿيل ٽوڙ ڦوڙ جي معاملي تي عدالتي ڪميشن جوڙي ذميوارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو