ڪراچي لاءِ 30 هائبرڊ ۽ 50 اليڪٽرڪ بسن جو اضافو ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر هڪ سادي تقريب ۾ پيپلز بس سروس جي ٻيڙي ۾ 80 نيون بسون شامل ڪيون جن ۾ 30 هائبرڊ ۽ 50 اليڪٽرڪ گاڏيون شامل آهن. 80 نيون بسون شامل ڪرڻ سان هاڻي ٽوٽل انگ 300 ٿي ويو آهي جن ۾ عورتن لاءِ هلندڙ 18 پنڪ بسون پڻ شامل آهن. هن اها ڳالهه مزار قائد تي انٽر سٽي پيپلز بس سروس ۾ 30 هائبرڊ ۽ 50 اليڪٽرڪ بسن سميت 80 بسن جي اضافي واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز، تعليم واري وزير ڊاڪٽر راڻا حسين، اطلاعات واري وزير احمد شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير موجب 2015 جي وچ تائين ڪراچي ۾ 3.6 ملين گاڏيون رجسٽرڊ هيون جيڪي ملڪي سطح تي گاڏين جي ٽوٽل تعداد جو 30 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن. پرائيويٽ گاڏيون خاص ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ڪارون، رجسٽرڊ گاڏين جي ٽوٽل انگ جو لڳ ڀڳ 84 سيڪڙو آهن. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته خانگي گاڏين جو شرح 4 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي جنهن جو مطلب آهي ته ڪراچي جي روڊن تي روزانو هڪ هزار کان وڌيڪ نيون گاڏيون شامل ٿي رهيون آهن. جسٽس باقر چيو ته شهر جي 267 رستن تي 12 هزار کان وڌيڪ سرڪاري گاڏيون آهن جن ۾ بسون، مني بسون ۽ ڪوچون شامل آهن. بهرحال بسن جو تعداد گهٽجي رهيو آهي ۽ 2017 تائين 5000 کان گهٽ بسون 100 کان گهٽ رستن تي هلنديون هيون. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15000 جديد بسون هجڻ گهرجن. وڏي وزير چيو ته انٽرا سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي کوٽ سبب سنڌ حڪومت ۽ اين آر ٽي سي وچ ۾ آڪٽوبر 2021ع ۾ سنڌ انٽر ڊسٽرڪٽ پيپلز بس سروس پروجيڪٽ جي فراهمي، آپريشن ۽ تعمير لاءِ هڪ معاهدو ٿيو. سنڌ پيپلز انٽر ڊسٽرڪٽ پراجيڪٽ سنڌ حڪومت ۽ اين آر ٽي سي جي وچ ۾ حڪومت کان حڪومت (G2G) جي شروعات آهي، اهو جون 2022 ۾ شروع ڪيو ويو ۽ پهريون انٽرا سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ پروجيڪٽ آهي جيڪو گڏيل ٽريفڪ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي خاص طور تي ڪراچي ۾ جڏهن ته سنڌ جا ٻيا شهر لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ سکر شامل آهن. اهو منصوبو بنيادي طور تي عوام لاءِ آهي ۽ ان کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي هلائڻو آهي. پروجيڪٽ هڪ جديد بس آپريشن ماڊل کي ضم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ اعليٰ معيار جي ڊيزل هائبرڊ بس سروس شامل آهي ته جيئن ميگا سٽي ۾ شهري ٽرانسپورٽ جي وڌندڙ گهرج کي پورو ڪري ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ سسٽم جي ترقي ۾ حصو وٺندي. منصوبي جي موجوده صورتحال: سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن وقت 12 ميٽر ۽ 9 ميٽرن جون 204 بسون ڪراچي جي 11 روٽس تي هلي رهيون آهن جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ 6، حيدرآباد ۾ 12 ۽ سکر ۾ 10 بسون هلي رهيون آهن. شهر ۾ فقط عورتن لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ سروس اڳ ۾ ئي ڪم ڪري رهي آهي جنهن ۾ R-01 تي 9 پنڪ بسون ۽ R-02 تي نو پنڪ بسون آهن. پنڪ بس جي منصوبي تي ڪاميابيءَ سان ڪم ٿي رهيو آهي ۽ سمورن لاڳاپيل حلقن کان ان کي ساراهيو پيو وڃي. ان حقيقت کي نظر ۾ رکندي صوبائي حڪومت موجوده ٻيڙي ۾ وڌيڪ 30 بسون شامل ڪندي بسن جو انگ وڌائي ڇڏيو آهي. 50 اليڪٽرڪ بسون: ٽيليفون انڊسٽري آف پاڪستان نيشنل ريڊيو ٽيليڪميونيڪيشن ڪارپوريشن جو هڪ ماتحت ادارو آهي جيڪو اڳ ۾ ئي سنڌ حڪومت سان گڏ پنهنجي بين الاقوامي ڀاڱي ڀائيوارن ذريعي منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن صوبي ۾ هڪ ماحول دوست اليڪٽرڪ گاڏين جو نظام تيار ڪرڻ جي تجويز ڏني وڃي. هي قدم رينٽي ٽو ائنڊ ماڊل تي ٻڌل آهي جنهن تحت سنڌ حڪومت 8 سالن لاءِ آپريشنل ۽ سرمائيداري خرچن سميت معمولي ليز جي ادائيگي ڪندي جڏهن ته ليز جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ بسون صوبائي حڪومت حوالي ڪيون وينديون. نگران وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ڪمرشل ٽرانسپورٽ سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ٽرانسپورٽ حڪومت جي پاليسين موجب آهي. هن تسليم ڪيو ته تجويز تي ڳالهيون سٺي شرطن ۽ مناسب ڪيون ويون آهن. جسٽس باقر، ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي ته ٽي آءِ پي سان گڏ هڪ مضبوط ڪانٽريڪٽ فريم ورڪ ٺاهيو وڃي ته جيئن عوام جي فائدي لاءِ وڌ کان وڌ ڪارڪردگي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪي پي آئيز (KPIs) جي تجويز ڪيل ٻيهر خريداري لاءِ اٺ سالن جي عرصي ۾ بسن جي مناسب سار سنڀال کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته جيئن ڪانٽريڪٽ جي مدي جي پڄاڻيءَ تي بسون سٺي حالت ۾ هجن. نگران ڪابينا معاهدي تحت اڳوڻين واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ 50 ماحول دوست خالص اليڪٽرڪ بسن جي پائلٽ پروجيڪٽ جي منظوري ڏني آهي. ان کان اڳ وڏي وزير ربن ڪٽي 30 هائبرڊ ۽ 50 اليڪٽرڪ بسن جو افتتاح ڪيو ۽ ٻيڙي ۾ شامل ٿيندڙ نئين بس مان هڪ جي سواري پڻ ڪئي. ان موقعي تي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ اين آر ٽي سي چيئرمين صهيب شفيق پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو