ڪراچي: عمارت ٻاهران نئين ڄاول ٻار جو لاش هٿ، ماءُ گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي لياقت آباد نمبر 4 ۾ عمارت جي ٻاهران نينگري جو لاش هٿ آيو، جنهن بعد ٻارڙي جي ماءُ کي حراست ۾ ورتو ويو.پوليس موجب عورت جو ذهني توازن ٺيڪ نه آهي، عورت نئين ڄاول ٻار کي عمارت جي پنجين ماڙ تان اڇلائي ڇڏيو.پوليس جو چوڻ آهي ته عورت طلاق ورتي هئي ۽ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ رهندي هئي، جڏهن ته ٻارڙي گهر ۾ پيدا ٿي هئي جنهن کي عورت عمارت مان اڇلائي ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو