ڪراچي: شاپنگ مال ۾ باهه، فوتين جو انگ 5 ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ عائشه منزل ڀرسان باهه لڳل رهائشي عمارت مان هڪ ٻيو لاش ڪڍيو ويو، واقعي ۾ فوتين جو انگ وڌي 5 ٿي ويو آهي.ريسڪيو ذريعن موجب فوتي جو دم دم ۽ سڙي وڃڻ سبب ٿيو، لاش شاپنگ مال جي پهرين منزل تان مليو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) متاثر عمارت کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.عمارت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پوليس فورس پڻ مقرر ڪئي وئي آهي.ان حوالي سان ايس بي سي اي جو چوڻ آهي ته ارشي سينٽر جي عمارت کي سيل ڪيو ويو آهي، انسپيڪشن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو ته عمارت استعمال لاءِ مناسب آهي يا نه،ايس بي سي اي جي ترجمان چيو ته ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل جي هدايتن تي شاپنگ سينٽر جي عمارت کي سيل ڪيو ويو آهي، سيل ڪرڻ جو مقصد ڪنهن کي داخل ٿيڻ کان روڪڻ آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته کولنگ عمل کانپوءِ ايس بي سي اي ڪميٽي عمارت جو معائنو ڪندي، ڪميٽي عمارت جو معائنو ڪري رپورٽ پيش ڪندي.متاثر عمارت ۾ 250 کان وڌيڪ دڪان ۽ لڳ ڀڳ 450 رهائشي فليٽ آهن. ريسڪيو 1122 باهه کي ٽين ڊگري قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو