ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده آهيون:مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي تہ اسين ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده آهيون، اسان سڀني کي ڪراچي کي بهتر بڻائڻو آهي ۽ بهتري تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندي جڏهن اسان سڀ پنهنجي حصي جو ڪم ڪنداسين، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر شهر جي سمورن سياسي ۽ مذهبي پارٽين کي دعوت ڏيان ٿو تہ اچو پاڻ سڀ گڏجي شهر جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪريون، اڄوڪو ڏينهن اسان جي لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي ڇاڪاڻ تہ سنڌ حڪومت، ورلڊ بئنڪ ۽ ڪراچي واٽر سيوريج سروسز امپرومينٽ جي گڏيل سهڪار سان شهر جي سيوريج سسٽم کي بهتر بڻائڻ لاءِ 40 جيٽنگ ۽ سڪشن مشينون واٽر ڪارپوريشن حوالي ڪيون ويون آهن ۽ انهن گاڏين جي اچڻ سان شهر ۾ نيڪالي جو نظام تمام گهڻو بهتر ٿيندو، شهر جي روز وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي منشور ۾ شامل آهي ۽ ان حوالي سان شهر جي بهتري لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، انشاءَ الله ايندڙ وقت ۾ سڀني کي واضح فرق نظر ايندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ سنڌ حڪومت، ورلڊ بينڪ ۽ ڪراچي واٽر سيوريج سروسز جي گڏيل تعاون سان 901 ملين روپين جي لاڳت سان تيار ڪيل 40 جيٽنگ ۽ سڪشن مشينون سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين احمد جي حوالي ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ميئر ڪراچي سي اي او واٽر ڪارپوريشن کي نئين جيٽنگ ۽ سڪشن مشينن جون چاٻيون ڏنيون، جنهن تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن ميئر ڪراچي جو شڪريو ادا ڪيو، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب پروقار تقريب ايم ڊي سيڪريٽريٽ واٽر ڪارپوريشن ڪارساز ۾ منعقد ڪئي وئي، تقريب جو مهمان خاص ڪراچي جو ميئر ۽ چيئرمين واٽر ڪارپوريشن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب هو، جڏهن تہ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد، سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله، پي پي اڳواڻ ڪرم الله وقاصي، دل محمد، جمن درمان، سڪندر بلوچ، بورڊ ميمبر ظفر سبحاني، ايڊووڪيٽ تنزيل پيرزادو سميت واٽر ڪارپوريشن جي ٻين اعلي عملدارن تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر ڪراچي جو چوڻ هو تہ سنڌ حڪومت، ورلڊ بينڪ ۽ ڪراچي واٽر سيوريج سروسز جي گڏيل سهڪار سان 901 ملين روپين جي لاڳت سان تيار ڪيل 40 جيٽنگ ۽ سڪشن مشينون اڄ واٽر ڪارپوريشن جي حوالي ڪيون ويون آھن، هن ٻڌايو تہ ٻئي مرحلي ۾ 14 جيٽنگ، 14 سڪشن مشينون، 10 ڪمبائنڊ جيٽنگ ۽ سڪشن مشينون ۽ 2 موبائيل ورڪشاپ گاڏيون معراج لميٽيڊ فيڪٽري تيار ڪيون آھن، جن کي اڄ کان واٽر ڪارپوريشن سسٽم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، هن چيو تہ واٽر ڪارپوريشن فليٽ مئنيجمينٽ پورٽل شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، فليٽ مينيجمينٽ پورٽل جي تحت سڀني سڪشن ۽ جيٽنگ مشينن ۾ ٽريڪ سسٽم کي نصب ڪيو ويندو، ٽريڪ سسٽم کي نصب ڪرڻ سان صارفين کي معلوم ٿيندو تہ سڪشن ۽ جيٽنگ مشينون ڪٿي واقع آهن ۽ ڪٿي ڪم ڪري رهيون آھن، هن چيو تہ واٽر ڪارپوريشن ھڪ نئين عزم ۽ نئين سڃاڻپ سان شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي، ميئر ڪراچي چيو ته ته اڄ مليل گاڏيون شهرين لاءِ ڪارآمد ثابت ٿينديون، ڇاڪاڻ تہ مشينن ۾ 90 ميٽر تي مشتمل يورو 2 جا انجڻ لڳايا ويا آھن جيڪي سخت گندي پاڻي جي بندش کي ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ جديد مشينن ۾ 7000 ليٽرن جي گنجائش آهي جڏهن تہ سمورين مشينن ۾ اٽلي مان درآمد ٿيل پمپ نصب ڪيا ويا آھن، هن ٻڌايو تہ انشاءَ الله ٽئين مرحلي ۾ وڌيڪ 20 گڏيل جيٽنگ ۽ سڪشن مشينون ڪراچي واٽر ڪارپوريشن حوالي ڪيون وينديون، هن چيو تہ اسين پاڻي جي مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ انهن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، حب ڊيم مان 50 ايم جي ڊي پاڻي وڌائڻ تي ڪم ڪري رهيو آھيون۔جڏهن ته 65 ايم جي ڊي منصوبو پڻ غور هيٺ آهي ۽ اسان جي ڪوشش آھي تہ انھن سمورن منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو تہ نئين ايڪٽ تحت ڪراچي واٽر ڪارپوريشن کي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط ڪيو ويو آهي جنهن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جڏهن تہ واٽر ڪارپوريشن لاءِ ٽربيونل کي جلد ٺاهڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ويندي، ھن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو تہ واٽر ڪارپوريشن ۾ مقررين ۽ بدلين جا اختيار واٽر ڪارپوريشن جي بورڊ وٽ آهن ۽ ان حوالي سان سنڌ حڪومت سان پڻ ڳالھ ٻولھ ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو