سائن بورڊ انڊر پاس ۾ ڪيئن ڪريو؟ رپورٽ ميئر کي پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ناظم آباد ۾ انڊر پاس تي بورڊ لڳڻ بابت ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي رپورٽ پيش ڪئي وئي.ڊي جي ٽيڪنيڪل سروسز ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي ابتدائي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن موجب انڊر پاس کي شرابي ماڻهن ڪٽو ڪيو، جنهن سبب حادثو پيش آيو.رپورٽ موجب منشيات فروشن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، منشيات فروشن انڊر پاسن تي گندگي جي نيڪال لاءِ استعمال ٿيندڙ موٽرون به چوري ڪري ورتيون آهن.ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب هدايت ڪئي آهي ته ڪي ايم سي آفيسرن ۽ عملي کي اهڙن ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو