ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا بلاڪ 6 ۾ بنگلي جي مالڪ جي فائرنگ ۾ مبينا ڌاڙيل زخمي ٿي پيو.پوليس زخمي جوابدار روشن کي گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته 4 جوابدار گهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته هڪ جوابدار گهر اندر داخل ٿيو ته مالڪ فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو.پوليس جو چوڻ آهي ته بنگلي جي مالڪ موجب جوابدارن فائرنگ پڻ ڪئي، زخمي جوابدار وٽان ڪو به هٿيار هٿ نه آيو، گرفتار ٿيل زخمي جوابدار منشيات جو عادی معلوم ٿئي ٿو.پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان نائن ايم ايم پستول جا 4 خول مليا آهن، جڏهن ته جوابدارن طرفان فائرنگ جا ڪي به ثبوت نه مليا آهن.
