ڪراچي ايئرپورٽ تي وڏو ڪارگو وليج ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان سول ايويئيشن اٿارٽي جو وڏو فيصلو آيو آهي ڪراچي ايئرپورٽ تي هڪ وڏو ڪارگو وليج ٺاهيو ويندو تفصيل موجب سول ايويئيشن اٿارٽي ڪراچي ۾ وڏو ڪارگو وليج ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي سي اي اي جي ذريعن مطابق ڊي جي سول ايويئيشن اٿارٽي ڪارگو شعبي جي فزيبلٽي رپورٽ منظور ڪري ورتي آهي ڪراڍي ايئرپورٽ تي ڪارگو وليج ۾ ڪارگو بزنس ڪندڙ ايئر لائنز ۽ ڪمپنين جون آفيسون به ٺاهيون وينديون ڪراچي ايئرپورٽ تي نئين ڪارگو وليج منصوبي کي سي اي اي بورڊ ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو ڪارگو وليج ٺهڻ سان ڪارگو بزنس ڪندڙ ملڪي ۽ پرڏيهي اڏامون ۽ ڪمپنيون پاڪستان اينديون سول ايويئيشن آفيسرن ٻڌايو ته ڪارگو وليج ٺهڻ سان نيون نوڪريون به پيدا ٿينديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو