ڪراچي، پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوليس اهلڪار جي قتل ۽ اڳوڻي ايس پي ملير سميت ۽ ٻين شهرين تي فائرنگ جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪيو ويو، سي ٽي ڊي ڪراچي جي علائقي ملير ۾ ڪارروائي ڪندي پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ۽ ان وٽان هٿيار به هٿ ڪري ورتا آهن. سي ٽي ڊي انچار خرم وارث ٻڌايو ته جوابدار 13 ڊسمبر تي شرابي ڳوٺ ۾ آصف نالي پوليس اهلڪار کي قتل ڪيو هو. جڏهن اڳوڻي ايس پي ملير سنگهار ملڪ سميت ٻين شهرين تي فائرنگ ۾ گهربل هو. جوابدار شاهه لطيف ٽائون ۾ عورت سميت 3 ڄڻن کي گولي هڻي زخمي ڪيو هو.جوابدار جي خلاف مختلف ڪيس داخل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو