ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جون 13 اڏامون رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جون 13 اڏامون منسوخ ڪيون ويون.پي آءِ اي جي ڪراچي کان لاهور جي اڏام پي ڪي 302 ۽ پي ڪي 303 جڏهن ته ايئر سيال اسلام آباد کان ڪراچي جي اڏام پي ايف 121 ۽ پي ايف 122 کي منسوخ ڪيو ويو.ڪراچي ۽ لاهور وچ ۾ ايئر سيال جي اڏام پي ايف 143 ۽ پي ايف 144 جڏهن ته ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ سيرين ايئر جي اڏام اي آر 503 کي منسوخ ڪيو ويو.سرين ايئر جي ڪراچي کان اسلام آباد جي اڏام اي آر 505 ۽ ايئر سيال جي اسلام آباد کان دمام جي اڏام پي ايف 746 کي منسوخ ڪيو ويو.لاهور کان ڪراچي ويندڙ ايئر سيال جي اڏام پي ايف 146 جڏهن ته اسلام آباد کان جده ويندڙ اڏام پي ايف 718 ۽ پي ايف 719 منسوخ ڪئي وئي.ڪوالالمپور کان لاهور ويندڙ باٽڪ ايئر ملائيشيا جي اڏام سي ڊي 131 منسوخ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو