ڪراچي، شاپنگ سينٽر جي بيسمينٽ ۾ باهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي طارق روڊ تي شاپنگ سينٽر جي بيسمينٽ ۾ موجود دڪان ۾ باهه لڳي وئي، انتظاميا پنهنجي مدد سان باهه تي ضابطو آندو.طارق روڊ تي مشهور شاپنگ سينٽر جي بيسمينٽ ۾ ڪپڙي جي دڪان ۾ باهه جو واقعو پيش آيو. باهه لڳڻ سبب شاپنگ مال دونھين سان ڀرجي ويو، جڏھن ته مال انتظاميا باھ تي ضابطو آندو.دڪاندار موجب باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، جڏهن ته باهه لڳڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب دڪان ۾ موجود ڪجهه سامان به متاثر ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو