ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي سولجر بازار ۾ جوابدارن جي فائرنگ ۾ زير تعمير عمارت جو چوڪيدار مارجي ويو.پوليس موجب، بلڊر کان ڀتا گهريا ويا، پر نه ڏيڻ تي چوکيدار کي قتل ڪيو ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته مبينا گينگ وار جي سربراهه جميل چنه خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگرديءَ جون دفعات شامل آهن.ٻئي طرف رينجرز، پوليس ۽ اينٽي پاڻي چوري جي ٽيم ڪراچي جي لسبيلا نشتر روڊ تي غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ڪري 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز اهلڪارن جو چوڻ آهي ته پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ واٽر هائڊرنٽ ۾ 80 فوٽ اونهو کوهه ۽ ٽينڪ ٺاهي وئي هئي.رينجرز ترجمان موجب ڪراچي ۾ غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف گرينڊ آپريشن جاري رهندو.
