ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گلشن اقبال جمالي ڪالوني ۾ بنگلي ۾ ڪم ڪندڙ اٻاوڙو واسي ناري کي گهر مالڪ بيهوشي ۾ حالت ۾ ڇڏي ويا، ناري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، وارثن زيادتي جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي وارثن موجب ناري الطاف حسين جي گهر ۾ ڪم ڪندي هئي، آچر تي گهر مالڪ ناري کي اسپتال پهچائڻ بدران بيهوشي جي حالت ۾ اسان جي گهر ڇڏي ويا،وارثن موجب اسان نياڻي کي اسپتال کڻي وياسين ته ڊاڪٽرن جناح اسپتال ريفر ڪيو، جناح اسپتال ۾ آئي سي يو ۾ هئي، اڄ ناري دم ڏنو،وارثن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن چيو ته سونيا جو موت زهر سبب ٿيو، گهر مالڪياڻي جا 2 پٽ گهر ۾ موجود هئا، شڪ آهي ته سونيا سان زيادتي ڪئي وئي ۽ بعد ۾ زهر ڏنو ويو آهي،ناري جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي، گهرمالڪ ۽ سندس پٽن کي گرفتار ڪيو وڃي،ناري جي وارثن موجب اسان جي ناري کي قتل ڪيو ويو، اسان کي انصاف کپي، پوليس اسان سان سهڪار نه پئي ڪري، مقتوله اوٻاوڙي جي صابو خان ڳوٺ جي رهواسڻ هئي










