ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور کان مختلف ايئر لائنز جون اڏامون رد

لاهور (ويب ڊيسڪ)ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ايئرپورٽ تان 18 ملڪي ۽ غير ملڪي اڏامون مختلف سببن سبب منسوخ ڪيون ويون. خراب موسم سبب لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو شيڊول بُري طرح متاثر ٿي ويو، لاهور کان ايندڙ مختلف پرڏيهي اڏامن کي اسلام آباد ۽ ملتان ايئرپورٽس تي لينڊ ڪيو ويو. ايئرپورٽ ذريعن موجب ڪراچي کان بغداد ويندڙ فلائي بغداد جون ٻه اڏامون آءِ ايف 331 ۽ آءِ ايف 332 منسوخ ڪيون ويون، جڏهن ته ڪراچي کان گوادر روٽ جون اپ ۽ ڊائون فلائيٽ پي ڪي 503 ۽ پي ڪي 504 منسوخ ڪيون ويون، اسلام آباد گلگت جي اڏام پي ڪي 601 ۽ پي ڪي 602، پي ڪي 605 ۽ پي ڪي 606 به منسوخ ڪيا ويا. خراب موسم سبب اسلام آباد کان مسقط لاءِ ايئر سيال جي اڏام پي ايف 734 رواني ٿي نه سگهي، اهڙي طرح مسقط کان اسلام آباد جي اڏام پي ايف 735، ايئر سيال لاهور کان دمام جي اڏام پي ايف 742 ۽ پي ايف 743، ڪراچي لاهور جي اڏام پي ايف 143، پي ايف 144 ڪراچي، اسلام آباد رواني ٿي. پرواز پي ايف 125، پي ايف 126، پي ايف 121 ۽ پي ايف 122 کي منسوخ ڪيو ويو. سرين ايئر جي اڏام ER 811 جده ۾ 2 ڪلاڪ، سعودي ايئر لاهور جده جي اڏام SV 739 کي 3:15 ڪلاڪ، پي ڪي 302 ڪراچي کان لاهور ڏيڍ ڪلاڪ ۽ اڍائي ڪلاڪ، ايئر بلو اسلام آباد کان اسڪردو جي اڏام پي اي 251 ۾ 4 ڪلاڪ دير ٿي. ايئر جي لاهور جده اڏام اي آر 801 3 ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي جڏهن ته ڪراچي کان فيصل آباد جي اڏام 10 ڪلاڪ دير جو امڪان آهي. ايئرپورٽ ذريعن موجب اڏام پي ڪي 340 ڪراچي کان فيصل آباد لاءِ صبح بدران 7 وڳي رواني ٿيندي، جڏهن ته پي آءِ اي جي لاهور کان ابوظهبي جي اڏام پي ڪي 263 جي روانگي 3 لڳي 20 منٽن تي ٿي. سيالڪوٽ کان مسقط لاءِ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 281 جي روانگي ٽي ڪلاڪ دير سان ٿيندي، اها اڏام هاڻي شام 4:30 وڳي رواني ٿيندي. سيالڪوٽ کان ڪويت سٽي جي اڏام جي روانگي ٽن ڪلاڪن جي دير ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو