ڪراچي،فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو فوت، جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي،فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو فوت، جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي زمان ٽائون ۾ مبينا مقابلي بعد پوليس هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو.پوليس موجب فٽبال گرائونڊ ويجهو 2 ڄڻا شڪي حالت ۾ موجود هئا، جڏهن جوابدارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ته هنن فائرنگ ڪري ڏني.پوليس موجب گرفتار جوابدار جمشيد وٽان هٿيار ۽ 2 موبائيل فون هٿ ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف شهيد ملت انڊر پاس وٽ فائرنگ جي نتيجي ۾ دانش نالي هڪ شخص مارجي ويو.اي ايس پي فيروز آباد موجب مقتول جو موبائل فون ۽ پرس موجود آهي، واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن، مقتول دانش کي مٿي تي گوليون لڳيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو