ڪجه جماعتون 2018 واري ليول پليئنگ فيلڊ گهرن پيون:شيرپائو

ڪجه جماعتون 2018 واري ليول پليئنگ فيلڊ گهرن پيون:شيرپائو

پشاور(ويب ڊيسڪ)قومي وطن پارٽي جي چيئرمين آفتاب احمد خان شيرپائو جو چوڻ آهي ته ڪجهه سياسي پارٽيون ليول پلیئنگ فيلڊ جون ڳالهيون ڪري رهيون آهن، 2018ع ۾ جيڪا ليول پلينگ فيلڊ ملي هئي، سا ئي گهرائي رهي آهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي آفتاب احمد خان شيرپائو چيو ته چونڊن لاءِ ماحول سازگار آهي هن چيو ته هو پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جو حصو بڻيو پر وزارت نه ورتي، جيڪڏهن پي ڊي ايم اچي اقتدار سنڀالي نه ها ته اسان ڊفالٽ ٿي وڃون ها.آفتاب شيرپائو جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ ۽ اي اين پي سميت پي ٽي ايم ۾ شامل پارٽين سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، سيٽ ايڊجسٽمينٽ ضلعي سطح تي ٿيندي.قومي وطن پارٽي جي چيئرمين اهو به چيو آهي ته اسان سمجهون ٿا ته پهرين اليڪشن ۾ عوام جا نمائندا نه آيا هئا، پي ٽي آءِ حڪومت 9 سال صوبي کي خراب ڪيو، جيڪي نگران حڪومت ۾ ويٺا آهن اهي ان لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو