وزيراعظم جي وڏي وزير سان ملاقات، چونڊن بابت ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر ملاقات ڪئي آهي.تفصيل موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪراچي جي دوري جي موقعي تي وزيراعليٰ هائوس پهتو جتي هن جي سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ سنڌ جي نگران وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي انتظامي معاملن ۽ نگران حڪومت کي پيش ايندڙ مسئلن کان آگاهي ڏني.ملاقات ۾ وزيراعظم سنڌ جي نگران وڏي وزير کي انتظامي معاملن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.ترجمان موجب ملاقات ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ انهن جي گهرن جي تعمير واري منصوبي تي ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته نگران وڏي وزير نگران وزيراعظم کي ڪراچي جي نالن جي متاثرين جي بحالي کان به آگاهه ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو