گھوٽڪي (ن س)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي آغا شير زمان چيو آهي ته پوليو مهم ۾ بهتر ڪاڪردگي ڏيکاريندڙ ورڪرن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ فراهم ڪيا وڃن، ڪامياب پوليو مهم جو ڪريڊٽ محنتي ورڪرن ڏانهن وڃي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ پوليو مهم بعد واري صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر الطاف سومرو ۽ ڊويزنل اين اسٽاپ آفيسر سکر ڊاڪٽر سراج احمد سميت لاڳاپيل ميڊيڪل آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته ڪامياب پوليو مهم ۾ بنيادي ڪردار محنتي ورڪرن جو هجي ٿو انڪري بهتر ڪاڪردگي جي بنياد تي اهڙن ورڪرن جي حوصلا افزائي خاطر کين تعريفي سرٽيفڪيٽ فراهم ڪيا وڃن. هن چيو ته مهم بعد به ميڊيڪل آفيسرن توڙي ورڪرن کي غير سرگرم نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته هي هڪ قومي ڪاز آهي جنهن جي ڪاميابي لاءِ مسلسل فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ڊي ايڇ او کي هدايت ڪندي چيو ته جن يونين ڪائونسلن ۾ مهم دوران مسئلا پيش آيا انهن کي حل ڪرڻ لاءِ مائڪروپلان ۽ روٽ ميپ تي ڌيان ڏيڻ سميت ٽيمن جي جوڙ جڪ بهتر ڪئي وڃي ته جيئن رهجي ويل سمورا ٻار ڪور ٿي سگهن. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر پاران بدلي ٿي ويل اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر وقار ڏهر جي خدمتن کي ساراهيندي کيس اجرڪ پهرايو ۽ چيو ته سندس ڪاڪردگي تعريف لائق آهي اميد ته مستقبل ۾ به ائين ئي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهندو. جڏهن ته نئين مقرر ٿيل اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر ظهير ڊومڪي کي ڀليڪار ڪيو ويو.










