ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان اغوا،وارثن جو بازيابي لاءِ احتجاج

خانپورمهر( ن س ) خانپورمهر لڳ ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان مبينا طور اغوا, وارثن جو احتجاج خبر موجب خانپورمهر لڳ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان کي هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا آهن ڳوٺ قطب دين شر جي رهواسين مرد ۽ عورتن برڪت شر, عبدالشڪور شر, نوجوان جي امڙ مومل شر احتجاج ڪيو,ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته برادري جا بااثر جوابدار ڪوڙو ڪارنهن الزام هڻي اسان جي نوجوان پيرن ڏنو شر کي اغوا ڪري کڻي ويا..آهن جوابدارن شبير شر, نصير شر, غفور شر,ڌڻي بخش,وحيد شر ۽ ٻين رات جي وقت حملو ڪري فائرنگ ڪري اسان جي گهرن کي پڻ باهيون ڏنيون ۽ اسان جي نوجوان پيرن ڏنو شر کي اغوا ڪري ويا آهن ، خدشو آهي ته جوابدار اسان جي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيندا, مظاهرين ڊي آئي جي سکر ايس ايس پي گهوٽڪي کان نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو