واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)سائنسدانن هيل تائين جو قديم ترين بليڪ هول دريافت ڪري ورتو آهي.ان بليڪ هول کي آمريڪي خلائي اداري ناسا جي مختلف ٽيلي اسڪوپس استعمال ڪري دريافت ڪيو ويو. سائنسدانن جو ڪاٿو آهي ته اهو بليڪ هول بگ بينڪ جي 47 ڪروڙ سالن کان پوءِ وجود ۾ آيو هو. ناسا طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڪائنات جي شروعات ۾ ٺهيل بليڪ هول جو مشاهدو پهريان ڪڏهن به نه ڪيو ويو هو، جنهن جي عمر 13 ارب 20 ڪروڙ سال ٿي سگھي ٿي. ان بليڪ هول کي UHZ1 نالي ڪهڪشان ۾ دريافت ڪيو ويو. اهو بليڪ هول اسان جي سج کان 10 کان 100 ڪروڙ ڀيرا وڌيڪ وڏو ٿي سگھي ٿو. سائنسدانن چيو ته اهو ڪائنات جو سڀ کان وڏو بليڪ هول ته ناهي پر شروعاتي دور ۾ ٺهيل بليڪ هول جو ايترو وڏو ڪاٿو غير معمولي آهي. هنن چيو ته ڪائنات جي شروعات ۾ ايتري وڏي بليڪ هول ٺهڻ سان گھڻو ڪجهه خبر پوي ٿو. هنن جو خيال آهي ته اهو بليڪ هول گيس جي تمام وڏي ڪڪر جي ڦاٽڻ سان ٺهيو. هنن چيو ته بليڪ هول جي پکڙجڻ جو وقت تمام ننڍو هوندو آهي تنهنڪري ان جو مطالب اهو آهي ته اهو بليڪ هول گھڻي تيز رفتار سان پکڙيو يا شروع کان ئي اهو ايترو وڏو هو. ان بليڪ هول کي جيمز ويب ۽ چندرا آبزرويٽري ٽيلي اسڪوپس کي استعمال ڪري دريافت ڪيو ويو. ان تحقيق جا نتيجا جرنل آسٽرونومي ۾ پڇيل آهن. بليڪ هول آهي ڇا؟واضح رهي ته ڪائنات جي اسرارن مان هڪ اسرار بليڪ هول به آهي جنهن کي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ لاءِ سائنسدان ڪوششون ڪندا رهندا آهن. بليڪ هول ڪائنات جو اهو راز آهي جنهن کي ڪيترائي نالا ڏنا ويا آهن، ڪڏهن ان کي هڪ ڪائنات کان ٻي ڪائنات ۾ وڃڻ جو رستو چيو ويندو آهي ته ڪڏهن موت جو کڏو. ڪو به ستارو بليڪ هول ان وقت بڻجندو آهي جنهن ان جي سمورن مادن کي ننڍي جاءِ تي قيد ڪيو وڃي. جيڪڏهن اسان پنهنجي سج کي هڪ ٽينس بال جيتري جاءِ ۾ قيد ڪري ڇڏيون ته اهو بليڪ هول ۾ تبديل ٿي ويندو.
