کسيل ۽ چوري ٿيل موبائيلن جي نشاندهي لاءِ ايپ متعارف

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ چوري يا ڦر ٿيل موبائيل فونز جي خريد ۽ وڪري جي نشاندهي لاءِ موبائيل ايپ متعارف ڪرائي وئي آهي.پوليس پاران پشاور ۾ شهرين جي سهولت لاءِ فائنڊ ماءِ سيل فون (ايف ايم سي) جي نالي سان موبائيل ايپ متعارف ڪرائي وئي آهي.پوليس جي دعويٰ آهي ته ان ايپ جي ڪري وارداتون گھٽجي سگھن ٿيون، ايپ سان چوري کان کسيل موبائيل فونز جي خريد ۽ وڪري کي روڪڻ ۾ مدد ملندي سي سي پي او ٻڌايو ته فائنڊ ماءِ سيل فون ايپ تي موبائيل ڊيلرزجي رجسٽريشن لاءِ فارم جاري ڪيو ويو آهي، رجسٽرڊ دڪاندارن وٽ کسيل يا چوري ٿيل موبائيل فونز جو ڊيٽا اچي ويندو. سي سي پي او موجب ايپ جي ذريعي موبائيل وڪرو ڪندڙ جو نالو، پيءُ جو نالو، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ وڪرو ڪندڙ جي تصوير محفوظ ڪئي ويندي.ان کانسواءِ ڊيٽا پشاور پوليس، ڪنٽرول روم ۽ لاڳاپيل ٿاڻن جي ايپ تي به الرٽ ۾ اچي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو