ڌاٻيجي ۾ بجلي بريڪ ڊائون، ڪراچي کي پاڻي سپلائي بند

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي اوچتي بريڪ ڊائون سبب 72 انچ قطر جي ايم ايس جي لائين نمبر پنج متاثر ٿي وئي، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب لائين جي متاثر ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي واٽر ڪارپوريشن جا عملدار فوري طور موقعي تي پهچي ڪري متاثر لائين جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو تہ متاثر لائين جي بحالي واري ڪم کي هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي تہ جيئن شهرين کي ڪنهن بہ قسم جي پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي، ان سلسلي ۾ واٽر ڪارپوريشن عملدارن پاران متاثر لائين جي بحالي وارو ڪم هنگامي بنيادن تي شروع ڪري ڇڏيو، چيف انجنيئر بلڪ واٽر ڪارپوريشن موجب شهر ۾ پاڻي جي فراهمي متبادل لائينن جي ذريعي جاري آهي. ٻئي پاسي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاران پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ٽيڪس زاهد لطيف جي وڏي ڀاءُ ناصر لطيف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي وڇوڙي کي سوڳوار خاندان لاء نہ وسرندڙ صدمو ۽ وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو تہ ڏک جي هن گهڙي ۾ واٽر ڪارپوريشن جا سمورا آفيسر ۽ ملازم مرحوم جي سموري ڪٽنب سان برابر جا شريڪ آهن، الله تبارڪ تعالي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي ۽ مرحوم جي سمورن سوڳوار پونيئرن کي صبر و جميل جي توفيق عطا فرمائي آمين

پهنجو تبصرو موڪليو