منافعي خورن خلاف ڪاراويون،ڏنڊ، قانوني ڪاروائي جاري رهندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جو دڪاندارن، منافع خورن ۽ ذخيره اندوزن خلاف ڪريڪ. اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پرائس ڪنٽرول ٽيمن تي مشتمل آفيسرن قيمتون ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پرائس ڪنٽرول سرگرميون جاري رکيون. 7 ۽ 8 نومبر تي ڏکڻ ڪراچي جي مختلف سب ڊويزنن ۾ سرڪاري اگهه تي شيون وڪرو نه ڪرڻ تي 44 دڪاندارن کي 4 لک 40 هزار رپيا ڏنڊ هنيو ويو، جڏهن ته جوڙيا بازار جو هڪ دڪان به سيل ڪيو ويو. ڏکڻ ڪراچي سب ڊويزن، سول لائنز، صدر، گارڊن، آرام باغ ۽ لياري ۾ مختلف هول سيلرز ۽ منافع خورن تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. ڊي سي ڏکڻ جي کاڌي پيتي جي شين جي سرڪاري اگهه تي وڪرو کي يقيني بڻائڻ جي هدايت. ڊي سي ڏکڻ ڪراچي جي پرائس ڪنٽرول سرگرمين جو مقصد شهرين کي سرڪاري اگهن تي ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي . ڊي سي ڏکڻ کي هدايت ڪئي ته هو شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ دڪاندارن، منافع خورن ۽ ذخيره اندوزن خلاف قانوني ڪارروائي جاري رکن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو