ڊي سي سائوٿ جو لياري جي مختلف هنڌن جو دورو،جائزو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي سي سائوٿ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو لياري جي مختلف هنڌن جو اوچتو دورو ڪري قيمتن جو جائزو ورتو. ڊي سي پاران اڄ لي مارڪيٽ بس اسٽينڊ، ايل اي مارڪيٽ کير منڊي، مڇي مارڪيٽ ۽ مختلف پسارڪي ۽ سبزي مارڪيٽن جو دورو ڪيو ويو. هن شهرين کي سهولتن جي فراهمي، قيمتن جي مقرري، غيرقانوني حددخلين ۽ ورثي واري عمارتن بابت اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪيون. ڊي سي لي مارڪيٽ ڪلاڪ ٽاور جي چوڌاري غير قانوني حددخليون هٽايون ۽ اي سيز کي هدايت ڪئي ته ان جي صفائي ۽ خوبصورتي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. مختلف دوري دوران دڪاندارن کي فوري طور تي فوٽ پاٿن تي دڪان ۽ اسٽال بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ڊي سي کھارادر ۾ قائم پوليس چوڪي ۽ پارڪن جي تعميراتي ڪم جو پڻ جائزو ورتو. عوام ڊي سي سائوٿ پاران سندن سهولت لاءِ ڪيل سمورن ڪمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڊي سي سائوٿ سان اي لياري، اي سي گارڊن ۽ اي سي آرام باغ پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو