ڊي سي جي هدايت تي ذخيرهه اندوزن خلاف ڇاپا، ڪڻڪ، کنڊ ۽ يوريا هٿ

ڊي سي جي هدايت تي ذخيرهه اندوزن خلاف ڇاپا، ڪڻڪ، کنڊ ۽ يوريا هٿ

گهوٽڪي (ن س )ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ماٿيلو جون ذخيره اندوزن خلاف ڪارروايون، مختلف گودامن تي ڇاپا، 6 هزار ڪڻڪ، کنڊ ۽ يوريا جون ٻوريون هٿ. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي آغا شير زمان جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ماٿيلو محمد احمر جروار جي مختلف گودامن تي ڇاپا هڻي غيرقانوني طور تي ذخيرو ڪيل ڪڻڪ جون 50 ڪلو واريون 42 سئو ٻوريون، کنڊ جون 1434 ٻوريون، 200 يوريا ۽ 1300 ڊي اي پي جي ٻورين سميت چانورن جون 300 ٻوريون هٿ ڪري ورتيون آهن. ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تحت ذخيره اندوزي خلاف ڪارروائين جو سلسلو شروع ڪيو آهي، ڪنهن کي به غيرقانوني طريقي سان ڪڻڪ، کنڊ يا يوريا ذخيرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏبي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو