ڊي سي جي هدايت تي ڪارروائي، 7 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ

ڊي سي جي هدايت تي ڪارروائي، 7 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ

گهوٽڪي ( ن س)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي جي هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي جي ڪارروائي، ڀٽائي ڪاٽن فيڪٽري جي گودام تي ڇاپو، 7 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ، خوراڪ کاتي حوالي. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي هدايتن تي ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي خلاف ڪارروائين جو سلسلو جاري آهي ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر گهوٽڪي امتياز محسن ڀٽائي ڪاٽن فيڪٽري جي گودام تي ڇاپو هڻي اوم لعل پارام ذخيرو ڪيل ڪڻڪ جون 7 هزار ٻوريون هٿ ڪري ورتيون آهن جيڪي خوراڪ کاتي حوالي ڪيون ويون جڏهن ته ڄاڻايل گودام کي سيل ڪيو ويو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو