ڊي آءِ خان (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان جي ڪلاچي تحصيل ۾ پوليس جي ڪامياب ڪارروائي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.رپورٽ موجب، پوليس چيو ته ڪارروائي ڪلاچي تحصيل جي ماڊي علائقي ۾ انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪئي وئي.اختيارين موجب ڪارروائي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، ۽ انهن جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگرد پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا، مارجي ويل دهشتگردن کي ڪلاچي ۽ دربان سميت مختلف پوليس اسٽيشنن ۾ دهشتگردي جي ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو هو.










