گهوٽڪي (ن س)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي آغا شير زمان چيو آهي ته ضلعي گهوٽڪي جي ڊيلرن کي ملندڙ ڀاڻ، ضلعي ۾ ئي وڪرو ٿيڻ گهرجي، سمورا ڊيلر پنهنجي رجسٽرڊ دوڪان تي ڀاڻ جي وڪري کي يقيني بڻائن ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي ٿيندي، اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي پنهنجي تعلقي جي نگراني ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن، زراعت کاتي جي آفيسرن ۽ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته زراعت کاتي جا عملدار پنهنجو بنيادي فرض بهتر طريقي سان ادا نه پيا ڪن جنهن سبب هتان جا آبادگار شڪايتون ڪري رهيا آهن انڪري سمورا لاڳاپيل عملدار پنهنجي پنهنجي تعلقي جي ڊيلرن کي ملندڙ ڀاڻ جي ڪوٽا جو جائزو وٺن ۽ سمورن ڊيلرن کي پابند بڻايو وڃي ته هو پنهنجي رجسٽرڊ گودامن کان علاوه ڪٿي به ڀاڻ وڪرو نه ڪندا ٻي صورت ۾ سندن گودامن کي سيل ڪيو ويندو. هن زراعت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته سمورن ڊيلرن وٽ موجود اسٽاڪ ۽ ڀاڻ جي وڪري بابت رڪارڊ جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جيئن صورتحال جو جائزو وٺي سگهجي. ان موقعي تي هن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پڻ هدايت ڪندي چيو ته يقيني بڻايو وڃي ضلعي جي ڊيلرن کي ملندڙ ڪوٽا ڪنهن به صورت ۾ ٻاهر منتقل نه ٿيڻ گهرجي، غيرقانوني طور تي ڪيل ذخيره اندوزي توڙي بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
